اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي پر??يهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ مبارڪباد وارن خطن جي مٽاسٽا ٿي. پر??يهي وزارت جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن. ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، توانائي ۽ سل??مت?? سميت مختلف شعبن ۾ تعاون نمايان آهي. ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مختلف گهڻ رخي فورمن تي پڻ مشاورت جو حصو آهن. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا پهرين مئي 1948ع تي قائم ٿيا.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن