گڏيل قومون -20 جون (اي پي پي) گڏيل ق??من چيو آهي، ته سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ ٻين سوسائٽي جي ميمبرن کي خاموش ڪرايو پيو وڃي. جرمن نشرياتي اداري مطابق گڏيل ق??من جي انساني حقن جي لاڳاپيل معاملن جي سربراهه فولڪر ترڪ انساني حقن جي ڪائون??ل جي نئين سيشن جي آغاز تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انساني حقن سان واڳيل ادارن ۽ ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ڪندڙن ۾ خود انهن جي آفيس جي مدد ڪندڙ به شامل آهن.هن گڏيل ق??من جي سوسائٽي جي ميمبرن خلاف مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن تي ڳڻتي ??و ??ظهار ڪندي چيو ته خاص طور تي اهي تنظيمون ۽ فرد سخت ڏکيائين ۾ آهن جيڪي گڏيل ق??من جي انساني حقن جي ڪائون??ل جي مدد ڪندا آهن. هن چيو ته 47 رڪني انساني حقن جي ڪائون??ل جا ڪيترائي ميمبر ملڪ به اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهن. گڏيل ق??من سان سهڪار ڪندڙ فردن تي حملا سول سوسائٽي تي غير معمولي اثر ڇڏي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ان حوالي سان گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش طرفان به 13 ا??ڙيون رپورٽون به جاري ٿي چڪيون آهن جن ۾ 77 ملڪن ۾ 700 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ انساني حقن جي محافظن خلاف ڌمڪين ۽ تشدد بابت ٻڌايو ويو آهي.
سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سول سوسائٽي سان ناڪاري سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج