واشنگٽن-14 م??رچ (اي پي پي)آمريڪا جي دفاع واري وزارت پينٽاگون چيو آهي ته غزه ۾ انساني امداد جو آپريشن ۽ اوڀر روم سمنڊ ۾ عارضي جيٽي جي تعمير لاءِ چار سامونڊي جهاز روانا ڪيا ويا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب پينٽاگون جي ترجمان برگيڊيئر پيٽرڪ رائڊر م??مو?? جي پريس بريفنگ دوران خطاب ڪندي ??يو ته غزه ۾ انساني امداد جي آپريشنن ۽ اوڀر روم سمنڊ ۾ عارضي جيٽي جي ??ڏا??ت واري مشن ۾ سهڪار لاءِ پينٽاگون چار سامونڊي جهاز روانا ڪيا آهن،سامونڊي جهاز اسرائيل پاران ظلم، بک ،۽ غذائي کوٽ جو شڪار فلسطيني عوام جي غذائي ضرورتن تائين رسائي لاءِ موبائل بندرگاهن جو استعمال ڪندا،پيٽرڪ رائڊر چيو آهي ته انهن سامونڊي جهازن جي علائقي ۾ پهچڻ ۽ موبائل بندرگاهون لڳائڻ ۾ 60 ڏينهن لڳندا.موبائل جيٽي جي پوري صلاحيت سان ڪم شروع ڪرڻ جي صورت ۾ روزاني اٽڪل 2 ملين غذائي خوراڪون علائقن ۾ پهچي سگهنديون.
غزه ۾ انساني امداد جو آپريشن، اوڀر روم سمنڊ ۾ عارضي جيٽي جي تعمير لاءِ چار سامونڊي جهاز روانا ڪيا ويا آهن: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania