باڪو _21 آگسٽ (اي پي پي ) آذربائيجان باضابطه طور تي ??رڪ?? جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. الجزيره مطابق آذربائيجان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آئيحان حاجي زاده چيو آهي ته سندس ملڪ ??رڪ?? جو ميمبر بڻجڻ لاءِ باضابط درخواست ڏني آهي. آذربائيجان ۽ چين وچ ۾ ”اسٽريٽ??ڪ شراڪتداري جي قيام بابت گڏيل پڌرائي “ قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ 03 ۽ 04 جولاءِ تي منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي مُلڪي سربراهن واري اجلاس ۾ م??ظور ڪئي وئي هئي. پڌرائي ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته آذربائيجان پاران ??رڪ?? ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته چين ان درخواست جي آجيان ڪئي آهي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي 18 ۽ 19 آگسٽ تي آذربائيجان جي سرڪاري دوري جي ۾ م??ظور ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو هو ته روس ??رڪ?? ۾ آذربائيجان جي شرڪت جي حمايت ڪري ٿو. جون 2006ع تي سينٽ پيٽرز برگ انٽر نيشنل اڪنامڪ فورم ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين گڏجي ??رڪ?? جو بنياد وڌي هو. سال 2010ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ ان ئي سال مصر، ايٿوپيا جي شرڪت سان هڪ گهڻ قومي تنطيم جوڙي وئي هئي. ايران ۽ گڏيل عرب امارات جي به شموليت سان ان کي وڌيڪ هٿي ملي. 40 کان وڌيڪ ملڪن ??رڪ?? ۾ شموليت لاءِ درخواست??ن ڏنيون آهن.
آذربائيجان باضابط طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا