دبئي-24 ڊسمبر (اي پي پي )دبئي ۾ نئين سال جي جشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن .اي پي پي موجب نئين سال جي موقعي تي دبئي ۾ برج خليفه سميت 36 هنڌن تي آتش بازي جا مظاهرا ٿيندا. 2024 جي آخري ڏينهن ۽ 2025 جي استقبال جي جشن لاءِ سيڪورٽي انتظام به مڪمل ڪيا ويا آهن. انتظاميه پاران جن هنڌن تي آتشبازي جا مظاهرا ڪيا ويندا اتي ماڻهن جي آمد و رفت ۽ حفاظت ??اءِ به انتظام ڪيا ويا آهن جن هنڌن تي آتشبازي جا مظاهرا ڪيا ويندا انهن ۾ برج خليفه، دبئي فريم ، اڪسپو وليج،، جميرا بيچ ، بلو واٽر ، دابيچ جي بي آر ، دبئي پارڪس اينڊ ريزروٽ ۽ ٻيا هنڌ شامل آهن . آتشبازي کي محف??ظ بڻائڻ لاءِ خانگي سيڪورٽي سروسز جي ادارن جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن ته جيئن اتي آيلن کي ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون درپيش نه اچن ۽ جشن مان مڪمل طور تي لط?? اندوز ٿي سگهن. انتظاميا مداحن کي اپيل ڪئي آه?? ته هو جشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سيڪورٽي اهلڪارن ??ان تعاون ڪن ته جئين مڪمل امن امان جي فضا ۾ خوبصورت جشن مان لط?? اندوز ٿي سگهن.