اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايوان جو ??ڀ ??ان وڏو ڪم آهي ته هو پنهنجو ??قدس ۽ عزت بحال ڪري، مخالف ڌر، فوج، انٽيليجنس ادارا، عدليه، ڪاروباري ماڻهن سميت سمورا ادارا هڪ ٻيڙي جا سوار آهن، ٻيڙي ۾ سوراخ ٿيو ته سڀ ٻڏي ويندا. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد ايوان جي چونڊ جي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهيان. اهو جمهوري طريقو آهي جيڪو اڄ اختيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پنهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو ٿورائتو آهيان جنهن هن عهدي لا??ِ مون کي ??وزون سمجهيو. آئون سمورن ووٽ ڏيندڙن جو پڻ ٿورائتو آهيان ۽ مخالف ڌر جو پڻ ٿورائتو آهيان پر سڀ ??ان اڳ محمد نواز شريف جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ??ن عهدي جي لاءِ نامزد ڪيو، انهن سمورين مخالف پارٽين جو ??ن اسان جو ??اٿ ڏنو اسان کي ??وٽ ڏنو، انهن جو ٿورائتو آهيان. پي ٽي آءِ جي قيادت عمران خان ۽ پارلياماني قيادت جو ٿورائتو آهي جيڪي روزانو گارين ۾ اسان کي شامل ڪن ٿا.
ايوان پنهنجو تقدس ۽ عزت بحال ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي
مضمون کا ماخذ : پاور بال