اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شف??ت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ?? رکندي تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند ره??دا?? جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يو??يو??سٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يو??يو??سٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وزير شف??ت محمود جي صدارت ۾ تعلمي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪ??ر فيصل سلطان سان گڏ شف??ت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
ڪورونا سبب تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا: شفقت محمود
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino