اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سفير کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزا??ي جو مسئلو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سفير کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا م??اهرا نه ٿيا نه ڪنهن سفير کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزا??ي جو مسئلو نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان مهم جي قيادت ڪندس، گذريل هفتي جي صورتحال سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب سائيٽن ذر??عي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پ??چائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.
سفير کي ڪڍڻ ۽ لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria