اسلام آباد-20 مئي (اي پي پي) فلسطيني عوام ??ان يڪجهتي جي اظهار ۽ مظلوم فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي وحشياڻن حملن جي مذمت لاءِ قوم جمعي ڏينهن ”فلسطين جو ڏهاڙو“ ملهائيندي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي ??ان ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي مختلف ريلي??ن ۽ مظاهرا ڪيا ويندا، جن ۾ فلسطيني عوام ??ان يڪجهتي ۽ اسرائيل جي ڏاڍ جي مذمت ڪندي عالمي برادري جو ڌيان ان ظلم خلاف ڇِڪايو ويندو. جمعي نماز جي اجتماعن ۾ القدس جي آزادي ۽ مظلوم فلسطيني عوام لاءِ خ??ص دُعائون گُهريون وينديون. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽس ۾ صدر مملڪت فلسطين ۾ ٿيل شهادتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين خلاف اسرائيلي تشدد ۽ غير قانوني قدمن جي مذمت ڪري ٿو، اسرائيلي قدم انساني حقن، عالمي قانونن ۽ انساني قدرن خلاف آهن، ا??ان فلسطيني جي حق لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين. هن چيو ته فلسطين جي حق لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رهنديون. پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. صدر مملڪت چيو ته ا??ان کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ گهرج?? ته فلسطينين جا حق ۽ ۽ حياتيون ا??ان کي عزيز آهن. وزيراعظم عمران خان به فلسطيني جي عوام ??ان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پنهنجي تازي ٽوئيٽ ۾ چيو آه?? ته هو غزه ۽ فلسطين ??ان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان فلسطيني ۽ غزه جي عوام ??ان يڪجهتي ۽ وابستگيءَ جو اظهار ڪندي هڪ مضبوط پيغام ڏنو. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آه?? ته ا??ان غزه ۽ فلسطين جي عوام ??ان گڏ بيٺل آهيون. هن پنهنجي ٽوئيٽ تان عظيم دانشور نوم چومسڪي جو قول به شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن آزاد فلسطين جي حمايت ۾ لکيو ته توهان ا??ان جو پاڻي کڻو ٿا، ا??ان جي زيتونن جا وڻ ساڙيو ٿا، منهنجو گهر تباهه ڪريو ٿا، مون کان منهنجو روزگار ڇنيو ٿا، مون کان منهنجي سرزمين کسي آهي، منهنجي والد کي قيد ۾ وڌو آهي، منهنجي امڙ کي شهيد ڪيو ۽ منهنجي ملڪ تي بمباري ڪئي، ا??ان سڀني کي بُکيو ماريو، ا??ان کي مجبور ڪريو، ان باوجود الزام ته مون تي ئي لڳندو ته مان هڪ راڪيٽ فائر ڪيو آهي. فلسطين ??ان يومِ يڪجهتيءَ جي حوالي ??ان ٻين سياسي مذهبي جماعتن، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽيءَ سميت مختلف شعبن ??ان تعلق رکندڙ فرد ريلين ۽ مظاهرن ۾ شرڪت ڪندا، جن ۾ فلسطين خاص طور تي غزه ۾ اسرائيل جارحيت ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي خلاف آواز اُٿاريو ويندو. واضح ره?? ته قومي اسيمبلي اسرائيل جي فلسطين تي جارحيت خلاف گڏيل طور تي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي جنهن ۾ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.
فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ لاءِ جمعي تي”فلسطين جو ڏهاڙو“ ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن