گڏيل قومن-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته غزه جنگ جي باهه ۾ سڙي رھيو آھي. غزه اس??ائيلي ظلم سبب دوزخ بڻجي چڪو آھي جنھن جي ڪا انتھا ناھي، انساني ھمدردي جي بنياد تي غذائي ??يون ۽ امداد جي فراھمي به بند ٿي چڪي آھي. ٻئي پاسي لبنان ۾ مڪمل جنگ جا امڪان اڃا ختم نه ٿيا آهن، اھا ڳالھه فلسطيني پناهگيرن (انروا) بابت گڏيل قومن جي اداري جي ڪمشنر جنرل فلپ لازريني اس??ائيلي اختيارين پاران غزه مان نيڪالي جي حڪم کان پوءِ ھڪ بيان ۾ چئي ??هي. ھن چيو ته ڪيترا ئي ماڻھو علائقو ڇڏڻ کان انڪار ڪري رھيا آھن سندن چوڻ آهي ته هن وقت غزه جو ڪو به حصو رھائش لاءِ محفوظ نه آھي. غزه جي اتر ۾ اس??ائيلي بمباري ۽ زميني ڪارروائيون جاري آھن جڏھن ته ??باليه پناھگير ڪيمپ کي به اس??ائيلي فوجين پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. سندس چوڻ ھو ته گڏيل قومن جي انتظام ھيٺ اسڪولن ۾ ستن پناھ گاھن کي پڻ خالي ڪيو پيو وڃي جڏھن ته ??باليه ڪيمپ ۾ پاڻي جي 08 کوھن مان رڳو ٻه کوھه ڪم ڪري رھيا آھن، ھڪ اندازي مطابق اٽڪل 400،000 ماڻھو غزه جي اتر ۾ موجود آھن. فلپ لازريني چيو ته ??زه ۾ ٻار سڀ کان وڌيڪ تڪليفن ۽ مصيبتن جو شڪار آھن، ماڻھن کي کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ بنيادي ضرورت جا سامان ميسر نه آهي.صحت جي عملدرن موجب 24 ڪلاڪن دوران اس??ائيلي حملن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 45 ماڻھو شھيد ۽ 130 زخمي ٿيا آھن.لبنان ۾ گڏيل قومن جي امدادي رابطا آفيس (او سي ايڇ اي) مطابق حزب الله ۽ اس??ائيل وچ ۾ تڪرار سبب شھري سخت خوف جو شڪار آھن. لبنان ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون گذريل ٻن ھفتن ۾ ٿيون آهن، 25 سيڪڙو لبنان جا علائقا اس??ائيلي فوج جي لڏپلاڻ جي حڪمن سبب متاثر ٿيا آهن ، ڏکڻ لبنان جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ شھري علائقن جي پاڙن لاءِ روزانو جي بنياد تي لڏ پلاڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن ٿا جنھن سبب رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور آھن ۽ ڪيترن ئي ماڻھن کي 30 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ ڏانھن منتقل ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق گڏيل طور ت?? اٽڪل 1.2 ملين (12 لک) ماڻھو بي گھر ٿي چڪا آھن جن مان 180،700 ماڻھن 978 پناھ گاھن ۾ پناھه ورتي آهي.او سي ايڇ اي جو چوڻ آھي ته ??شدد سبب تعليمي سال جي شروعات ۾ به دير جو شڪار ٿي آهي.يونيسيف مطابق اٽڪل 350،000 ٻار بي گھر ٿيا آھن.آبادي وارن علائقن ۾ ڌماڪيدار ھٿيار ۽ زبردستي لڏ پلاڻ جي حڪمن سبب وڏي پيماني تي شھرين کي نقصان پھچي رھيو آھي. اداري جو چوڻ آھي ته ??ھرين کي تشدد کان بچائڻ ۽ انساني ۽ امدادي ڪارڪن کي محفوظ طريقي سان اھم امداد جي فراھمي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.
غزه اسرائيلي ظلم سبب دوزخ بڻجي ويو جنھن جي ڪا انتھا ناھي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada