اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قو??ي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ٽيڪسن جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ پوري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. آل پاڪستان انجمن تاجران پاران واپارين جي لاءِ رضاڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم ??ي حوالي سان آجياڻي کي ??طاب ڪندي هن چيو ته ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ سان نه رڳو موجوده نسل پر ??يندڙ نسل جو به فائدو ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري ۾ انهن قو??ن کي ??ٺو ۽ محب وطن تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪي ٽيڪس ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته جن ملڪن ۾ ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين اتي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جهڙين روزمره جي استعمال وارين شين تي ٽيڪس هڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil