اسلام آباد – 12 مارچ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع جي پ??هنجي چونڊ منشور ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڄ ان واع??ي جي تڪميل ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ ڇهين آدمشماري جي لاءِ سڀئي تياريون مڪمل آهن، انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزري مريم اورنگزيب چيو ته گذريل آدمشماري 1998ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٿي هئي ۽ هنيئر ٻيهر وزيراعظم جي ويزن تحت ڇهين آدمشماري ڪرائي رهيا آهيون ته جيئن درست انگن اکرن تحت مستقبل جي منصوبابندي ڪري سگهجي. هن چيو ته ان حوالي سان سمورن حصيدارن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آ??ي ۽ ملڪ ۾ جاري دهشتگر??ي جي خلاف جنگ ۽ امن ام??ن جي صورتحال سبب ان عمل ۾ دير ٿي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، هن چيو ته 1998ع جي آدمشماري هڪ مرحلي ۾ 19 ڏينهن دوران مڪمل ڪئي وئي جنهن ۾ 2 لک 50 هزار اهلڪارن مدد ڪئي هئي، هن چيو ته موجوده آدم ۽ گهر شماري دوران پاڪ فوج جي شموليت ?? مدد جي حوالي سان حالتون مختلف هيون، تنهن هوندي به پاڪ فوج ان قومي فرض جي ادائيگي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ۽ چيو ته آدمشماري جو عمل ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هٿياربند فوج طرفان افرادي قوت جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي
آدمشماري جي لاءِ تياريون مڪمل آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز