رياض-17 اپريل (اي پي پي ) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود پنهنجي ڌار ڌار بيانن ?? سلطنت عمان جي فرمانروا هيثم بن طارق سان سندس ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت، همدردي ۽ نيڪ تمنائن جو پيغام م??ڪليو. ايس پي اي موجب ??ادم الحرمين الشريفين پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب سلطنت عمان ۾ شهرين جي جاني نقصان کي افسوسناڪ خبر ملي اسان کي ان قدرتي سانحي تي ڏک آهي. اسان مشڪل وقت ۾ سلطنت عمان جي حڪومت ۽ برادر عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ٻئي پاسي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز به عمان جي سلطان هيثم بن طارق کي برسات سبب متاثرن لاءِ تعزيت ۽ همدردي جو پيغام م??ڪليو . هن ان قدرتي سانحي جي متاثرين سان دلي همدردي جو اظهار ڪند?? زخمين جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿيل شهرين جي خيريت سان واپسي جي دعا ڪئي. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سلطنت عمان ۾ ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي ماڻهون اجل جو شڪار ۽ گم ٿي ويا هيا .
سعودي عرب جي خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتگين تي عمان جي فرمانروا سان تعزيت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری