گڏيل قومون-06 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻا?? شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهي. يونيسيف جي رپورٽ جي مرڪزي مصنف هيريئٽ ٽورليس موجب انهن ٻا??ن جو تعداد 18 ڪروڙ ٺهي ٿي ۽ غذائي کوٽ سبب انهن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا ??هن. انهن ٻا??ن کي ز??ده رهڻ لاءِ تمام گهٽ خوراڪ دستياب آهي. يونيسيف موجب 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻا??ن کي روزاني 8 اهم گروپن مان پنج غذائون کائڻ گهرجن جن ۾ ماءُ جو کير، اناج، پاڙن واري ڀاڄي، ٽيوبرز ۽ پلانٽين، داليون ۽ ميوا ۽ ٻج، گوشت، پولٽري ۽ مڇي، بيضا وٽامن اي سان ڀرپور ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيا ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. يونيسيف موجب اٽڪل هڪ سئو کان گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ پنج سالن کان گهٽ عمر جا 440 ملين ٻا?? غذائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا ??هن، يعني کين روزاني مٿي ڏنل پنج فوڊ گروپن تائين پهچ ناهي. انهن مان 181 ملين ٻا??ن کي وڌ کان وڌ ٻن فوڊ گروپس تائين پهچ حاصل آهي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ