گڏيل قومون- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومون جي ٻن امدادي ادارن ٻڌايو آهي ته فلسطينين لاءِ خوراڪ ک??ي ويندڙ 100 ٽرڪن کي غزه ۾ ??اخ?? ٿيڻ بع?? ڦريو ويو آهي. وائيس آف آمريڪا مطابق فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي سينيئر ايمرجنسي آفيسر لوئس واٽريج چيو ته يو اين آر ڊبليو اي ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان فراهم ڪيل خوراڪ ک??ي ويندڙ قافلي کي اسرائيل مختصر نوٽيس تي ڪيرم شلوم بارڊر ڪراسنگ جي اڻڄاڻ رستي کان روانو ٿيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 16 نومبر تي قافلي جي 109 ٽرڪن مان 98 تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪجه ٽر??نس??ورٽر ان واقعي ۾ زخمي پڻ ٿيا آهن. پر هنن اها وضاحت ناهي ڏني ته اهو حملو ڪنهن ڪيو. هن خوراڪ جي بحران جي شديد صورتحال طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته جيڪڏهن فوري م??اخ??ت نه ڪئي وئي ته خوراڪ جي پهريان کان وڌيڪ کوٽ ٿي سگهي ٿي. ان بحران ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، جيڪي زنده رهڻ لاءِ انساني همدردي جي امداد تي دارو مدار رکن ٿا. ورلڊ فوڊ پروگرام جي ترجمان ڦرلٽ جي تصديق ڪندي چيو ته غزه جا ڪيترائي رستا هن وقت سيڪيورٽي مسئلن سبب پهچ جوڳا ناهن.
غزه ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ 100 ٽرڪون ڦرجي ويون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون