غزه -26 ڊسمبر(اي پي پي) اسرائيلي فوج غزه جي نصيرات پناهگير ڪيمپ وٽ گاڏي تي ڪيل حملي دوران پنج صحافي مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل غزه ۾ گذريل صبح جو فلسطيني صح??في?? تي هوائي حملي جو اعتراف ڪيو آهي. اسرائيل تصديق ڪئي آهي ته غزه ۾ ميڊيا جي گاڏي جي ڇت تي واضح طور پريس جا لفظ لکيل هيا ان تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ فلسطيني سيٽلائٽ ٽي وي چينل ال??دس ٽو ڊي سان لاڳاپيل پنجن صح??في?? کي قتل ڪيو ويو آهي. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اها گاڏي هڪ دهشتگرد سيل جي هئي. اسرائيلي فوج غزه ۾ پنهنجي ڪاروائين دوران ڪيترن ئي فلسطيني صح??في?? کي قتل ڪري چڪي آهي. پنهنجي دعويٰ جي حمايت ۾ ڪو به ثبوت فراهم ناهي ڪيو. مارجي ويل صحافي نصيرات پناهگير ڪيمپ ۾ العوده اسپتال سامهون وين ۾ ستا پيا هيا ته اسرائيلي فوج ان وين کي هوائي حملي جو نشانو بڻايو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ