اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي ??لاحڪار سينيٽر سرتاج عزيز چيو آهي ته 21 مئي تي ??لوچستان ۾ آمريڪا طرفان ڪيل ڊرون حملو بدقسمتي هئي ۽ ان عمل سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اعتماد سازي وارن لاڳاپن کي سخت ڌڪ رسيو آهي. هن چيو ته ڊرون حملي جنهن ۾ افغان طالبان جو اڳواڻ ملا منصور مارجي ويو هو، سان افغانستان ۾ جاري امن عمل پڻ سخت متاثر ٿيو آهي ۽ ان قدم جا ڏور رس اثر ظاهر ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان کي آمريڪا جي ??نهيءَ ڊرون حملي جي پهلوئن بابت ڪا يقيني ??اڻ ناهي پر ان حملي ان مثبت بجاءِ منفي اثر ٿيندا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ??مريڪا جي ??وري ۽ ايٽمي سپلائرز گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوششن ۽ آمريڪا جي ڀارت ڏانهن وڌندڙ لاڙي بابت سوال تي ??رتاج عزيز چيو ته ان عمل سان علائقائي اسٽريٽجڪ توازن متاثر ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ