ڪراچي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سين??ٽر پرويز رشيد چيو آهي ته امجد صابري امن ۽ محبت جو ??يڪو ڏيئو روشن ڪيو ان کي وسامڻ نه ڏينداسين. هن اها ڳالهه وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت تي ناليواري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي عيادت ۽ بعد ۾ شهيد امجد صابري جي گهرڀاتين سا?? فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي چئي. امجد صابري شهيد جي رهائشگاهه ٻاهران صحافين سا?? ڳالهائيندي سين??ٽر پرويز رشيد چيو ته هو وزيراعظم محمد نواز شريف پاران امجد صابري جي گهرڀاتين سا?? تعزيت جو ??ظهار ڪرڻ آيو آهي. وفاقي وزير چيو ته امجد صاب??ي پيار ۽ محبت جو ??واز هو ۽ سندس شهادت شر جي قوتن پاران خير جي قوت تي حملو آهي. هن چيو ته جتي هر پاڪستاني امجد صابري جي شهادت سبب ڏک ۾ ورتل آهي، انهن اهو عزم به ڪيو آهي ته منفي قوتن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
امن جي ڏيئي کي وسامڻ نه ڏينداسين: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil