اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق ملڪ ۾ جمهوريت ??ي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام هيروز جي ياد ۾ پارليامينٽ ??ي لان ۾ يادگار ??و افتتاح ڪيو. هنن گڏيل طور تي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري نظام جي مضبو??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته پنهنجي هيروز ۽ ملڪ، قدرن ۽ جمهوريتن جي نصب العين ??ي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي وساري ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق شهيدن جي يادگار ??ي گل چاڙهيا ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ سارجنٽ ايٽ آرمز شهيدن کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پارليامينٽ ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.
پارليامينٽ هائوس ۾ گمنام شهيدن جي يادگار جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : بونانزا