اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻئي ملڪ مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي لا??وال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي فروغ ڏئي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيءَ جي گرينڊ نيش??ل اسيمبلي جي اسپيڪر اسماعيل ڪاهرامان ۽ سندس پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر