اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ترڪ بحريه پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ??يو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻ?? معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ بحريه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خاص طور ??ي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ