اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ?? خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. پاور ڊويزن گردشي قرضن جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن ۾ اضافو روڪڻ لاءِ گردشي قرض جي انتظام و انصرام جي منصوبي تي عملدرآمد جو آغاز ڪيو ويو آهي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات بجلي کان ميٽر ليس سمارٽ ميٽرنگ سسٽم جي باري ۾ پي?? ڪيل تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪميٽي پاور ڊويزن ۽ آءِ ٽي اينڊ ٽيلي مواصلات کي هدايت ڪئي ته هو تجويز ڪيل ڊزائين تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ ڪميٽي کي گڏيل تجويزون پي?? ڪن، پيٽروليم ڊويزن بلوچستان صوبي ۾ صنعتي گئس ڪنيڪشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پي?? ڪئي، ڪابينا ڪميٽي تجويز ڪيل ڪميٽي جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته ان جون سفارشون هڪ مهيني ۾ ڪميٽي کي پي?? ڪيون وڃن.
وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II