ليه – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجرز پوليس جي مدد ڪندي، خواهش آهي ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي، دنيا جو ڪو ٻيو ??لڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي رهيو آهي، نيون اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي?? شهرن جي پکيڙ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڏورانهن علائقن جي ت??قي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترقي جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيال?? جو اظهار هن صحت سهولت ڪارڊ جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو چاهي ٿو ته هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هجي اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري رهيو ??و، دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن برطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ۽ برطانيه هڪ فلاحي رياست هئي ۽ اتي سڀني ماڻه?? جو سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو ??يندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي رياست لاءِ قائم ڪيو ??يو ??و پر بدقسمتي سان اسا?? جو ملڪ فلاحي رياست نه بڻجي سگهيو، وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي مفت سهولت تمام وڏي نعمت آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال به غريبن لاءِ ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪينسر جو علاج گهڻو مهانگو آهي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آهي، مديني جي رياست دنيا جي پهرين فلاحي رياست هئي، دنيا ۾ مديني جي رياست سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي اڪثريت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آهي، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون فوتگيون به اسان وٽ گهڻيون ٿينديون آهن، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتال?? جو ڏورانهن علائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي مرڪزن جي شمسي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت رکندڙ آهي.
خواهش آهي ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا