اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام ??ي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي سان ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ آبي وسيلن وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. ??جل??س ۾ پاڻي جي انتظام ??ي لاءِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام ??ي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جي موثر نظام جي ضرورت آهي. ايئر يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروف??سر ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت ملڪ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جي ڪري ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، ??جل??س ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. ??جل??س ۾ پاڻي جو بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس