اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر ??حسن ڀون، پاڪستان بار ڪائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر ??ڪبر ڊوگر، پنجاب بار ڪائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ڪائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت ت?? اعتماد جا ٿورا مڃي??دي چيو ته وڪيل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير کي هد??يت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته وڪيل برادري جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪ??دي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان