اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، 28 مئي 1998ع تي بلوچستان، چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آه??، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جو واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آه??، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آه??، اهو ئي اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آه??، ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. پاڪستان جي جوهري ڌماڪن جي سلور جوبلي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته 28 مئي 1998ع تي بلوچستان چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آه??. پاڪستان جي دفاع جو اهو تمغو بلوچستان جي ڌرتي جي سيني تي سجايل آه??، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جي واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آه??، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو فخر بلند ڪندڙ عظيم محب وطن وزيراعظم نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قائد محمد نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ رد ڪندي پاڪستان کي دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي قوت بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وزيراعظم نواز شريف تائين سڀني حڪومتن ۽ جوهري پروگرامن بابت سڀني ذميدارن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ت?? اسان جا سياستدان، انجنيئر ۽ جوهري پروگرام کي پروان چاڙهيندڙ هر ماڻهو تحسين جي لائق آه??. اهي قوم جا هيروز آه??، اسان جي هٿياربند فوج جوهري پروگرام لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آه?? اهي تاريخ جو سنهري باب آه?? پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان قومي اداري قومي سلامتي ۽ دفاع لاءِ ن??قابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آه??. اڄ اسان محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير سان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي سڄي عمر پاڪستان جي دفاع تي لُٽائي ڇڏي، اسان پنهنجي انهن سڀني محسنن کي نٿا وساري سگهون جن قوم جي مفاد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آه??. اسان سعودي عرب سميت سڀني پنهنجي ڀائر ۽ عظيم دوست ملڪن جو ٿوروا دا ڪريون ٿا جن معاشي پابندين ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آه??، اهو اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آه??، قوم جي اتحاد محنت ۽ يقين ڪامل سان هاڻي پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻو آه??، اسان کي قوم جي حيثيت سان اڄ معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي لاءِ يوم يڪبير واري جذبي کان اڳتي وڌڻو پوندو. اڄ تجديد جي ڏهاڙي جي عهد جو ڏينهن آه?? ته پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. يوم تڪبير تي 10 ڏينهن واري تقريبن کي قوم جي اتحاد ۽ پاڪستان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي جي عزم سان ملهايو ويندو.
پاڪستان جي جوهري پروگرام جو معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي، کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا،نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ کي رد ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ