اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي ڀلائي، قومي ترقي جي جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل شموليت جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ ۽ وسيلن کي ا??تعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي عز?? کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان بنا ڪنهن ذات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ اسان سڀني جو آهي ۽ اسان کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد جاري رکڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ انهن جو اسان جي عظيم قوم جو لازم حصو هجڻ ۽ مذهبي اقليتن جي ا??ترام جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جي لاءِ 11 آگسٽ کي ”قومي اقليت ڏهاڙي“طور ملهايو ويندو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسلام ۽ ام?? ۽ رواداري جو مذهب آهي، قرآن پاڪ موجب دين جي معاملي ۾ ڪو جبر نه آهي، اهو قرآني حڪم سنت نبوي صه سان گڏجي ان اصول جي بنياد فراهم ڪري ٿو جيڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي قو?? کي پنهنجي خطاب ۾ بيان ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آئين ۾ مذهبي جي آزادي ۽ اقليتن جي ماڻهن ۽ ملڪيتن جي تقري?? کي باقاعده قانوني شڪل ڏني وئي آهي. حڪومت کي نه رڳو انهن ذميوارين جي چڱي ريت خبر آهي پر انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جي مستقل خاطري طور تي حڪومت 11 آگسٽ تي سرڪاري سطح تي شاندار طريقي سان قومي اقليتي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته انهن سببن جو خاتمو ۽ خامين جي ا??لاح ڪرڻ جيڪا سماجي ۽ مذهبي ا??تحصال جو سبب بڻجي سگهي ٿي ا??ان جي حڪومت جي پاليسين جو بنيادي ستون آهي، سماجي ۽ اقتصادي خليج کي پورو ڪرڻ ۽ اقليتن جي لاءِ تعليمي ا??ارن ۽ نمايان خدمتن جي فراهمي لاءِ نمائنده فورمز تي خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جهڙن قدمن سان قومي سطح تي هر ڪنهن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اقليتن جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي حقن جي يقيني تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ مالي امداد به انهن قدمن جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون اقليتن جي بهتري ۽ قومي ترقي جي ڪوششن ۽ جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل شموليت لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ، وسيلن کي ا??تعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون ان موقعي تي سڀني اقليتي برادرين کي به اپيل ڪريان ٿو ته هو رواداري ۽ گڏيل اتفاق جي فضا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ڇو ته اسان جي معاشري ۾ اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي ۽ ام?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجندو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان بنا ڪنهن ذات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي آهي.
اقليتن جي ڀلائي، قومي ترقي جي جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل شموليت جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ