اس??ام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري شعبي ۾ 2000 ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو لڳائڻ جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي تو??نائي جا منصوبا شروع ڪري رهي آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنياد تي شمسي تو??نائي تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي تو??نائي جي منصوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيدنويد قمر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٻارڻ سان ه??ندڙ بجلي گهرن کي شمسي تو??نائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي تو??نائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان 14 سيپٽمبر 2022ع تي هڪ انويسٽرز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مقامي ۽ عالمي ملڪن بشمول سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين ۽ قطر مان سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ شمسي تو??نائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي تو??نائي جي نئين پاور پلانٽس جي لاءِ جڳهه جي چونڊ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مظفر ڳڙهه جي ويجهو هڪ جڳهه جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي جتي 600 ميگاواٽ جي شمسي تو??نائي سان ه??ندڙ پاور پلانٽ جي تعمير ڪئي ويندي. ان کانسواءِ شمسي تو??نائي سان ه??ندڙ 11 ڪي وي جي فيڊرز جي حوالي سان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شمسي تو??نائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان فريم ورڪ ۽ ٽيرف جي حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پاور ڊويزن، متبادل تو??نائي جي ترقي جي بورڊ، سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني، نيپرا ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ مشاورت جاري آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽائيم لائينز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن جلد کان جلد شمسي تو??نائي سان ٺهندڙ بجلي کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري سگهجي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي شمسي تو??نائي تي منتقلي جي حوالي سان به ڪم ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ٽيوب ويلز شمسي تو??نائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، پاور ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزارت جو هڪ نمائندو شامل هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي تو??نائي جي منصوبي کي جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، شمسي تو??نائي جي منصوبي سان ملڪ جو دارومدار مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ منصوبن تان ختم ٿيندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. ه?? چيو ته منصوبي تحت چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنيادن تي شمسي تو??نائي تي منتقل ڪيو ويندو، شمسي تو??نائي جي استعمال سان ڊسٽري بيوشن ۽ لائين لاسز، بجلي جي چوري ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جي مسئلن جو خاتمو ممڪن ٿيندو. ه?? چيو ته شمسي تو??نائي جي حوالي سان سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي حڪومت پاران خودمختيار ضمانت ڏني ويندي.
وزيراعظم پاران سرڪاري شعبي ۾ 2000 ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو لڳائڻ جي اصولي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی