آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو آهي. قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وزيرا??ظم نور سلطان بايوف وزيرا??ظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وزيرا??ظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ??يندو. وزيرا??ظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيرا??ظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيرا??ظم عل??ئق??ئي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي اجلاس اربع کان آستا??ه ۾ شروع ٿيندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا