اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ تي عوام ۽ اتحادي پار??ين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان کي ٻه خوشخبريون گڏ مليون آهن، اڳ ?? نواز شريف جي حڪومت، هاڻي شهباز شريف جي اتحادي حڪومت جي محنت سان پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو آهي، الحمدالله. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) اڳ ۾ به ملڪ کي فيٽف مان ڪڍيو هو، اڄ ٻيهر پاڪستان کي عزت ملي، اتحادي حڪومت ۾ شامل سڀ پارٽيون ۽ اڳواڻ مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته مخالف ڌر ۾ هجون يا حڪومت اتحادي پار??ين جي ترجيح پاڪستان جو مفاد ۽ عزت رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خاص طور تي مبارڪباد جا مستحق آهن، ڇهن مهينن ۾ اهو ڪم ٿي ويو جيڪو گذريل چار سال ۾ نه ٿي سگهيو. هن ادارن، وزارتن جي لاڳاپيل عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جي مسلسل محنت جو ثمر اڄ جي ڪاميابي جي صورت ۾ قوم کي مليو آهي.
فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ تي عوام ۽ اتحادي پارٽين کي مبارڪُون هُجن، اڄ پاڪستان کي ٻه خوشخبريون گڏ مليون آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز