مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو 75 هين تاسيس ڏهاڙو اڄ سومر ڏينهن ان تجديد عهد سا?? ملهايو پيو وڃي ته ڀارت جي ناجائز قبضي کان ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي ۽ پوري علائقي جي پاڪستان سا?? الحق تائين جدوجهد جاري رکي ويندي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب هي ڏينهن هر سا?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارتي قبضي کان آزاد ڪرائڻ ۽ پوري ڄمون ۽ ڪشمير جي پاڪستان سا?? الحاق تائين جدوجهد جاري رکڻ جي تجديد عهد سا?? ملهايو وڃي ٿو. مظفرآباد ۾ ڏينهن جي شروعات ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن جي آزادي جي لاءِ خصوص?? دعائن سا?? ڪئي وئي. مظفرآباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جتي اسپيڪر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وقتي صدر سردار چوڌري انوارالحق قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيرن ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن بشمول ڪنوينر محمود احمد ساگر ۽ غلام محمد صفي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي سا??ميت ۽ خوشحالي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي جلد آزادي جي لاءِ خصوص?? دعائون پڻ ڪيون ويون. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٽئي ر??ڊيو اسٽيشنز تاسيس ڏهاڙي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروگرام نشر ڪري رهيا آها.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو 75 هون تاسيس ڏهاڙو، پاڪستان سان الحق تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ