نيويارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ساباڪوروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ ??اڪ??تان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بحران، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنرل اسيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامياب قيادت تي ??اڪ??تان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي ??اڪ??تان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ