اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قوم?? سلامتي بابت اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن ج?? سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان ج?? تقدس جي خلاف ورزي مسلمانن ج?? مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل فلسطي??ي علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فلسطي??ي علائقن ۾ مسلمانن ج?? مذهبي جاين ج?? تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطي??ي عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي پنهنجي مطا??بي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن