اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب پنجاب صوبي ۾ 16 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ 9 ارب 11 ڪر??ڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ رکيا ويا آهن، سنڌ صوبي ۾ 3 جاري ۽ 8 نئين منصوبن جي لاءِ 21 ارب 10 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ 3 ارب 68 ڪر??ڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 25 جاري ۽ 7 نئين منصوبن جي لاءِ 50 ارب ??پيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ ضم ٿيل ضلعن جي ٻن منصوبن جي لاءِ 57 ارب ??پيا رکيا ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ هڪ نئين ۽ 8 جاري منصوبن ۽ بلاڪ ايلوڪيشن جي مد ۾ 32 ارب 35 ڪر??ڙ جڏهن ته گلگت بلتستان جي لاءِ 28 ارب 45 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ ريجنل گرڊ جي قيام لاءِ هڪ ارب ??پيا، بي?? الصوبائي رابطا اقتصادي لنگهه جي لاءِ 80 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن، هنزه ۾ گريٽر واٽر سپلائي جي لاءِ 20 ڪر??ڙ رپيا ۽ چلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتال لاءِ 50 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن. آزاد ڪشمير ۾ رٺوعا هريام پل جي لاءِ هڪ ارب ??پيا رکيا ويا آهن، پنجاب ۾ الله انٽرچينج کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي منصوبي جي لاءِ هڪ ارب 80 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن، سيالڪوٽ ڪينٽ کان جيسر گيريزن تائين 69 ڪلوميٽر رستي کي وڪرو ڪرڻ ۽ بهتري جي لاءِ 2 ارب 80 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن، سياڪوٽ ايمن آباد روڊ کان ڪامونڪي موٽروي لنڪ تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب ??پيا رکيا ويا آهن. سنڌ صوبي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي جي رستن جي تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 2 ارب 50 ڪر??ڙ، روهڙي کان گڊو بئراج تائين رستي جي بهتري لاءِ 4 ارب ??پيا، ٽنڊو الهيار کان ٽنڊو آدم تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب ??پيا، نوابشاهه کان راڻيپور تائين مهراڻ هاءِ وي سان اضافي ڪيرج وي جي تعمير لاءِ 4 ارب ??پيا، سانگهڙ کان نيشنل هاءِ وي اين 5 رستي جي بهتري لاءِ 3 ارب ??پيا، سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ 2 ارب ??پيا، ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 2 ارب ??پيا جڏهن ته حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 10 ارب ??پيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خيبر انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ ۽ چلڊرن اسپتال پشاور جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪر??ڙ رپيا، سوات موٽروي فيز ٽو ۾ زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ 50 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن. ڏکڻ ضلعن جي سمورين اسپتالن جي سولرائيزيشن جي لاءِ 50 ڪر??ڙ رپيا رکيا ويا آهن. بلوچستان ۾ درگئي سبوزئي اين – 70 کان تونسه شريف اين – 55 رستي لورالائي موسيٰ خيل جي لاءِ هڪ ارب ??پيا رکيا ويا آهن، ڪوئيٽا شهر ۾ ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مختلف لائي اوورز جي تعمير لاءِ هڪ ارب ??پيا، پنجگور آوران رستي جي تعمير جي لاءِ 2 ارب 70 ڪر??ڙ رپيا، لورالائي قلعي سيف الله کان خانوزئي ڪراس تائين رستي جي بهتري ۽ ويڪرائي جي لاءِ هڪ ارب ??پيا جڏهن ته خاني ڪراس کان زيارت تائين رستي جي نئين سر تعمير، ويڪرائي ۽ بهتري جي لاءِ هڪ ارب ??پيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز