اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جي ??عم??ر ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل ق??ول نه آهي، ترقياتي منصوبن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل سي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شر??ت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ??عم??راتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري معيار کي يقيني بڻائي، ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ وقت عالمي معيار کي نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس کي سي ڊي اي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.
ترقياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی