اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ نوان سفارتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۾ تازو ئي م??عارف ڪرايل انتظامي سڌارن سان ڪارڪردگي ۽ احتساب ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزارت ۾ گذريل هڪ ??ال دوران ڪيل انتظامي سڌارن جي قدم بابت هڪ ??قريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 سڌاراجاتي ڪم شروع ڪيا ويا جن مان 19 مڪمل طور تي ۽ 3 جزوي طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن. آٽوميشن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي عمل، سفارتي، انتظاميا، ماليات ۽ ٻاهرئين ملڪ قونصلر خدمتن ۾ بهتري وغيره جي شعبن ۾ 29 قدم پڄاڻي جي م??حلن ۾ آهن. پرڏيهي وزير عالمي سطح تي وزارت جي اهم ڪاميابين جو ذڪر ڪيو جن ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ، سي او پي 27 جي ڪامياب ميزباني، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۾ موثر ڪردار ۽ ٻين کانسواءِ ل??ڳا??ن ۽ سفارتي ل??ڳا??ن کي وڌائڻ جون ڪوششون شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ فني ترقي سان گڏ طاقت جي شڪل پڻ تبديل ٿي رهي آهي جڏهن ته سفارتي م??اذن تي گڏيل رابطن جا نوان اصول بڻجي چڪا آهن. انهن تبديلين جي ڏس ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو ته جيئن راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڻي تيز رفتار ۽ متحرڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، اهڙي ۾ ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل چئلينجن کان اڳتي رهڻ جي لاءِ گڏيل ڳانڍاپي جي موقف جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومي ۽ عالمي حقيقتن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ضرورت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سفارتي م??املن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ هڪ مثالي تبديلي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي جي انتظامي سڌارن سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته وزارت جي لاءِ هڪ ??ڌاراجاتي منصوبي جي مقصد جي لاءِ انهن سمورن ل??ڳا??يل ڌرين کان معلومات طلب ڪئي جن کان زبردست راءِ ۽ تنقيدي بصيرت حاصل ٿي. هن چيو ته مستقبل جي علم تي ٻڌل معيشت، عالمي حرڪيات جي اهميت کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جمود کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ تيار هجڻ گهرجي.
تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ نوان سفارتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ۾ تازو متعارف ڪرايل انتظامي سڌارن سان ڪارڪردگي ۽ احتساب ۾ وڌيڪ بهتري ايندي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز