قاهره-12 آڪٽوبر (اي پي پي) عرب پرڏيهي وزيرن غز?? ۾ جنگ بند ڪرائڻ لاءِ عالمي برادري کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته غز?? جو گهيراءُ ختم ڪري ۽ شهرين لاءِ امداد جي اجازت ڏني وڃي. عرب خابرو اداري موجب عرب پرڏيهي وزير?? قاهره ۾ هنگامي اجلاس جي پڄاڻي تي چيو ته شهرين کي نشانو بڻائڻ تي ڌرين جي مذمت ڪريون ٿا، عرب ليگ جي مددگار سيڪريٽري جنرل حسام زڪي اجلاس جي پڄاڻي تي 12 شقن تي ٻڌل قرارداد جاري ڪئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته غز?? خلاف جنگ فورن بند ڪئي وڃي، سموريون ڌريون صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن، هن چيو ته جنگ جاري رهڻ جي صورت ۾ انساني مسئلن ۽ خراب صورتحال کان خبردار ڪندي عالمي برادير کي چيو ويو آهي ته هو جنگ بند ڪرائڻ ۽ خطي کي خطري کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي. عرب پرڏيهي وزيرن غز?? جي ناڪا بندي ختم ڪرڻ، انساني امداد جي پهچ جي فوري اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، غز?? پٽي جو پاڻي ۽ بجلي ڪٽڻ بابت اسرائيلي فيصلي کي رد ڪرڻ تي به زور ڀريو، اجلاس ۾ فلسطيني عوام جي پنهنجي سرزمين تي ثابت قدمي تي انهن جي حمايت ڪئي ۽ فلسطينين کي سندن سرزمين تان ڪڍڻ جي ڪنهن به ڪوشش ج?? سنگين نتيجن کان خبردار ڪيو، اهو به چيو ويو ته فسلطيني علائقن جي تازه صورتحال تي نظ?? رکڻ لاءِ اجلاس مسلسل جاري رهندو.
غزه جو گهيراءُ ختم ۽ شهرين کي امداد جي اجازت ڏني وڃي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج