واشنگٽن_16 فيبروري(اي پي پي) آمريڪا دعوي ڪئي ??هي ته ان ايران مان ايندڙ جديد روايتي هٿيارن ۽ امداد جي کيپ ضبط ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ??هي ته اها کيپ 28 جنوري تي عربي سمنڊ ۾ ضبط ڪئي وئي هئي جنهن کي يمن ۾ حوثين جي ڪنٽرول وارن علائقن طرف منتقل ڪيو پئي ويو،سٽ ڪام هٿيارن جون تصويرون پوسٽ ڪندي لکيو ??هي ته ان کيپ ۾ وچولي مفاصلي تائين مار ڪندڙ بليسٽڪ ميزائلن جا جزا ۽ ٻيو فوجي سا??ان شامل هو،آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ايرڪ ڪوريلا جي حوالي سا?? چيو ??هي ته اهو خطي ۾ ايران جي بدنيتي تي مشتمل سرگرمين جو هڪ ٻيو مثال آهي،هن نشاندهي ڪئي ته ايران پاران حوثين کي جديد روايتي هٿيارن جي فر??هم?? عالمي قانون جي سڌي ريت خلاف ورزي ??هي اها صورتحال عالمي جهاز راني کي نقصان پهچائي رهي آهي، واضع رهي ته غزه جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ احمر سمنڊ ۾ عالمي جهاز راني جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽ آئي ??هي ڇاڪاڻ ته حوثي گروپ واپاري سا??ونڊي جهازن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
حوثين لاءِ ويندڙ ايراني هٿيارن جي کيپ ضبط ڪئي وئي آهي: آمريڪي دعوي
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس