رياض-05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ مختلف شعبن ۾ ملڪ کي فائدو پهچائيندڙ ڪيت??ن ئي سائنسدانن، ڊاڪٽرن، محققن، انوويٽرز، ڪاروباري شخصيتن ۽ غير معمولي صلاحيتون رکندڙ ماڻهن کي سعودي شهريت ڏيڻ جو شاهي فرمان جاري ڪري ڇڏيو آهي. هڪ خابرُو اداري ان شاهي فرمان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جن ماڻهن کي شهريت ڏني وئي آهي انهن قانوني، ??بي ، سائنسي ، ثقافتي ، راندين ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ ملڪ کي فائدو پهچايو آهي. ان ک??ن علاوه اهو ويزن 2030ع جو حصو آهي جنهن جو مقصد پر ڪشش ماحول کي وڌائڻ آهي جنهن ذريعي انساني صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي ۽ مشهور ۽ تخليقي ماڻهن کي راغب ڪري سگهجي ٿو . ب??ان ۾ چيو ويو آهي ته اها مملڪت جي ان منصوبي ۾ توسيع آهي جنهن ۾ غير معمولي مهارتون رکندڙ ماڻهن ۽ مالڪن کي راغب ڪرڻ آهي جيڪي مملڪت ۾ اقتصادي ، صحت ، ثقافتي ، راندين ۽ انوويٽرز جي ترقي جي ڪوشش ۾ هڪ معياري اضافو ڪري سگهن ٿا . ان ک??ن اڳ 2021ع ۾ سعودي عرب شاهي فرمان ذريعي اهڙن نما??ان ۽ غير معمولي ماڻهن کي سعودي شهريت ڏني هئي . نومبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي شهريت حاصل ڪندڙ ۾ ڪيترن شعبن سان تعلق رکندڙ 27 ماڻهو شامل آهن جن ۾ مشهور اسلامڪ اسڪالرز ، ڊاڪٽرز ۽ تعليم جي شعبي جا ماهر شامل آهن.
سعودي عرب ۾ سائنسدانن، ڊاڪٽرن سميت ڪيترن ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha