واشنگٽن – 7 جنوري (اي پي پي ) آمريڪي رياست لوزيانا ۾ برڊ فلو سب?? 65 سالن جو شخص فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته صحت کاتي جو چوڻ آهي ته عوامي سطح تي ڪنهن وڏي خطري جو خدشو ناهي . پرڏيهي ميڊيا لوزيانا جي صحت کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته متاثر شخص ڊسمبر جي ??چ ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيو هو . بيماري تي ضابطو آڻڻ بابت آمريڪي سينٽر (سي ڊي سي ) کيس ايڇ فائيو اين ون وائرس جو متاثر ٿيل ملڪ جو پهريون ڪيس قرار ڏنو. صحت کاتي مريض جي فوتگي جي حوالي سان ??اري بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ عام ماڻهو لاءِ خطرو گهٽ آهي پر جيڪي ماڻهو پکين، پولٽري ۽ ڳئون جي سار سنڀال يا ان ??ان لاڳاپيل ڪم ڪندا آهن انهن لاءِ خطرو وڌيڪ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پالتو ۽ جنگلي پکين سان ??ابطي ذريعي مريض ايڇ فائيو اين ون وائرس سب?? متاثر ٿي ويو هو پر انسان مان ڪنهن ٻئي انسان ۾ وائرس منتقل ٿيڻ جي ڪا شاهدي ناهي ملي. آمريڪا جي برائون يونيورسٽي ۾ اپيڊيمالوجي جي پروفيسر جينيفر نوزو ٻڌايو ته ڪجهه ڊيٽا موجود آهي جنهن مان ??اهر آهي ته اهو وائرس موتمار ٿي سگهي ٿو پر جنهن وائرس جي حوالي سان ??سان کي خدشو رهندو آهي ان مان وڌيڪ ايڇ فائيو اين ون وائرس موتمار ٿي سگهي ٿو. جينيفر نوزو جو چوڻ آهي ته کيس وڌيڪ پريشاني ان ڳالهه جي رهندي آهي ته وائرس جي پکيڙ تي ضابطو نٿو آندو وڃي. 1996ع ۾ پهريون ڀيرو ايڇ فائيو اين ون وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي پر 2020ع کان پکين ۾ گهڻي ح?? تائين پکڙجڻ شروع ٿيو جڏهن ته کير ڏيندڙ جانور به ان مان متاثر ٿيا آهن. صحت جي عالمي اداري 2023 کان 24 ملڪن ۾ برڊ فلو جا 950 ڪيس رڪارد ڪيا آهن. جنهن مان وڌيڪ ماڻهو چين ۽ ويٽنام ۾ متاثر ٿيا.
آمريڪا ۾ برڊ فلو سبب پهرين فوتگي رڪارڊ، ڪنهن وڏي خطري جو خدشو ناهي: صحت کاتو
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha