مظفر آباد – 09 جول??ءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اسيمبلي جي چونڊن ??ي ل??ءِ پارٽي منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، 21 جول??ءِ تي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر، جمهوري ادارن جي واڌويجهه، انتظامي سڌارن/ بلدياتي ادارن جون چونڊون، ماتحت عدليه ۾ سڌارن، انساني حقن سميت ٻين سمورن شعبن ۾ ڪم ڪري آزاد ڪشمير کي مثالي رياست بڻائينداسين، بلاول ڀٽو ۽ عمران خان وٽ الزامن کانسو??ءِ ڪشمير جي تعمير ۽ ت??قي جو ڪو منشور يا حڪمت عملي آهي ته اسان وانگر عوام آڏو پيش ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر راجا فاروق حيدر جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. ان م??قعي تي جسٽس (ر) منظور گيلاني باقاعده پارٽي منشور جو اعلان ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ان م??قعي تي چيو ته اسان سڀ پاڪستانين، آزاد ڪشمير جي سمورن شهرين، سڄي دنيا جي انسانيت سان محبت ڪن??ڙ ماڻهن ??ي ل??ءِ اڄ هڪ ڏک جو ڏينهن آهي ته انسانيت جو هڪ عظيم، روشن مثال عبدالستار ايڌي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پوري دنيا ۾ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي.
بلاول ۽ عمران وٽ الزامن کانسواءِ ڪشمير جي ترقي لاءِ ڪو منشور نه آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا