??سل??م آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هائوسنگ واري وزارت کي هدا??ت ڪئي آهي ته سرڪار?? ملازمن کي گهٽ لاڳت جي معياري رهائش جي فراهمي لاءِ جلد کان جلد جامع منصوبو پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي هن وفاقي سرڪار?? ملازمن جي رهائشي ضرورتون پوري??ن ڪرڻ ۽ ايندڙ اجلاس ۾ منصوبو پيش ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزير اڪرم خان دراني ۽ وزارت جي سينئر عملدارن وزيراعظم کي گذريل چئن سالن دوران وزارت جي ڪارڪردگي کي گهٽ ۽ وچولي آمدني جي طبقي لاءِ وزيراعظم جي گهٽ لاڳت ”پنهنجو گهر هائوسنگ اسڪيم“ جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن