اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ??گران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اليڪشن ??ميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري ??ٺندا، اليڪشن ??ميشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 13 کان 14 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو، آئين موجب اليڪشن ??ميشن نتيجن جي اعلان کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لازمي آهي، 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ آئيني گ??رج آهي،. هو نيشنل آرڪائيو جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ چونڊ ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ??ميشن جون 7 ذميداريون آهن جنهن ۾ سڀ کان پهرين ذميداري اليڪشن نتيجا جوڙڻ آهي جنهن کانپوءِ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ، نوٽيفڪيشن ??انپوءِ 10 ڏينهن جي اندر اميدوارن جي چونڊ خرچن جا گوشوارا جمع ڪرڻ، آزادي اميدوارن کي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ، پارٽي جون لسٽون جاري ڪرڻ، عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون جاري ڪرڻ آهي.
اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia