اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ڪ??هن ٻي جي نه صرف پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو، سازش تحت عالم اسلام ۾ مسلمانن جو رت وهايو پيو وڃي، پوري عالم اسلام جون نظرون هن وقت پاڪستان تي لڳل آهن، جيڪڏهن مسلمان امت جي اتحاد جي حوالي سان اسان موثر اڳڀرائي جو آغاز نه ڪيو ته اسان جو داستان به نه هوندو داستانن ۾، ماضي جا حڪمران جيڪڏهن پنهنجي اقتدارن جي ل??ءِ ٺاهه نه ڪن ها ته آمريڪي جنگ پاڪستان جي سرزمين جي اندر نه وڙهي وڃي ها، گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي غير حاضري جو نوٽيس ورتو ويندو ۽ پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو ويندو، قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جي جواب ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته جيڪو مسئلو هن ايوان ۾ اٿاريو ويو آهي اهو اهميت رکند?? آهي، انساني حقن جي اجلاس بابت صورتحال تي ايندڙ سومر تي پارليامينٽ کي آگاهه ڪندس
پاڪستان ڪنهن ٻي جي نه صرف پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو: خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر