اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل ??ير?? پاليسي 24 – 2019ع تحت 152 ??ير?? لائينز، جنهن ۾ گهڻو ڪري خام مال شامل آهي، تي 2 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي ۽ گلستان بينظير ٽائون شپ پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولتن، پاڻي جي سيوريج ۽ فراه??ي جي نظام جي لاءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جي اصولي طور تي منظوري ڏ??ي ڇڏي آهي، اي سي سي پاسڪو کان خيبرپختونخواهه جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 80 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پو??يشن آف پاڪستان جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي فراهمي ۽ نئين فصل جي پيداوار حاصل ڪرڻ تائين اضافي ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏ??ي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ