اسلام آب??د ?? 09 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ت?? مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جم??وريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪارروائي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ت?? ايوان ۾ هنگامه آرائي سان نه جم??وريت جي خدمت آهي نه ئي عوام جي، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد قيصر چيو ت?? ايوان جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ت?? عوامي اهميت جا معاملا ۽ قانونسازي بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي، عوام جون نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏان??ن آهن، چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو موثر انداز ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تجويز ڪري سگهن ٿا.
اسد قيصر ۽ بابر اعواڻ پاران مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا