اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿيل قرا??دا?? جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ ??مع ڪرائي، ان مو??عي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مو??انا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قرا??دا?? جي نقل گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرا??دا?? سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي نمائندي ??قين ڏياريو ته سندن جذبا ۽ قرا??دا?? جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان مو??عي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگين منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرا??دا?? منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين شهباز شريف جي قيادت ۾ قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد