اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للها – جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپين جي لا??ت سان تعمير ٿيندو ۽ ان جي ??ڪميل 30 مهينن ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان رستي جي ??عمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي ??لائقن ۾ رابطو قائم ٿيندو، ڄاڻايل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پوکيءَ جي فارم کان مارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي ??در بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش