اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن آف ??زيشن آف ??اڪستاني اوريجن آف ??ارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻين مهارتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان ايسوسيئيشن آف ??زيشن آف ??اڪستاني اوريجن آف ??ارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پاڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لا??ِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم اتر آمريڪا جي صحت جي شعبي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمتن کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته ??و پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لا??ِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي نمايان ڪامابين تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽارني جي لاءِ آن لائين سسٽم قائم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته ??و پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي شعبي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انهن کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ۽ سهولت جي ضرورت آهي، وزيراعظم ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ڪري ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻي مهارت مان فائدو حاصل ڪن، وزيراعظم پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.
وزيراعظم پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری