مڪو شريف -02 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه حج 2024 (1445هه) لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام تي عمل جي شروعات 16 سيپٽمبر 2023ع کان ڪئي ويندي. سعودي خابرو اداري مطابق حج ۽ عمري واري وزير طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج 2024ع لاءِ اڳ ۾ کان عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ته جيئن ڪمپنين طرفان حج پانڌيئڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تياري جو وقت ملي سگهي. هن چيو ته ايندڙ حج لاءِ سيمينار م??عق?? ڪيا ويندا. لائسنس ي??فته ڪمپنين جي ڊجيٽل رجسٽريشن جي شروعات ڪئي ويندي. هوائي ڪمپنين سان معاهدي لاءِ سول ايوي ايشن سان لاڳاپيل معاملن کي حت??ي شڪل ڏني ويندي. حج ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته په??ين مارچ 2024ع (20 شعبان 1445هجري) کان ڊجيٽل ويزائون جاري ٿيڻ شروع ٿي وينديون اهو سلسلو 29 اپريل 2024ع تائين جاري رهندو جڏهن ته 9 مئي 2024ع (په??ين ذوالقعد 1445) کان حج پانڌيئ??ن جون اڏامون ملڪ اچڻ شروع ٿي وينديون.
سعودي حج ۽ عمري واري وزير جو حج (1445هه) 2024ع لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری